72

نور عالم خان جو سپريم ڪورٽ رجسٽرار جا وارنٽ جاري ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي غير حاضري تي وارنٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي نور عالم خان چيو ته آئين مون کي اجازت ڏئي ٿو ته سپريم ڪورٽ جو آفيسر نه اچي ته وارنٽ جاري ٿين.هن پارليامينٽ جي ڪارروائي بابت آئين ايوان ۾ پڙهي ٻڌايو ۽ چيو آئين چئي ٿو ته ڪوبه ميمبر، جيڪو پارليامينٽ ۾ تقرير ڪندو آهي ان کي ڪير نٿو گهرائي سگهي.سندس موجب قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ مان جيڪو ڪجهه چيو اهو آئين تحت آهي، قومي اسيمبلي جو آفيسر به پارليامينٽ جي ڪارروائي ڪنهن ڪورٽ کي ڏيڻ جو جوابده ناهي، ڪابه عدالت هجي پارليامينٽ جي پروسيڊنگ نٿي گهري سگهي.نور عالم خان چيو ته ان ئي آئين ۾ پي اي سي يا ڪابه ڪميٽي عدالت کان رڪارڊ گهري سگهي ٿي، پي اي سي ڪنهن به ڪورٽ، وزارت يا اداري جا ڪاغذ چيڪ ڪري سگهي ٿي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو