65

عمران خان : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، 7 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ۽ 2 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ عمران خان خلاف ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر دليل ڏنا.سلمان صفدر چيو ته اڄ ڏينهن تائين 140 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. پٽيشنر جي ڄاڻ موجب هينئر تائين سمورن ڪيسز جن ۾ ضمانت جي خبر آهي انهن 7 ڪيسز ۾ پيش ٿي رهيا آهيون ان ۾ هاءِ ڪورٽ نه اچڻ گهرجي ها. جوڊيشل ڪمپليڪس ضمانت وٺڻ وياسين پر اتي امن امان جي صورتحال پيدا ٿي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اسان لاڳاپيل عدالت سان رابطي ۽ پروٽيڪشن جو چيو هو اوهان اڃان تائين جاچ ۾ شامل ناهيو ٿيا، اوهان کي اڳ ڏنل تاريخ کان اهو باور ڪرايو هو ته اسان صرف پروٽيڪشن ڏينداسين.وڪيل سلمان صفدر چيو ته عمران خان 7 ڪيسز ۾ هن وقت به بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان جو موڪل اسلام آباد ۾ موجود آهي جاچ آفيسر به اتي آهن. اڄ ئي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، هي بيان اهڙي طرح نه هوندو ته اوهان هڪ پيپر ڏئي ڇڏيو، پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو جيڪو طريقو آهي ان کي فالو ڪريو.چيف جسٽس چيو ته اسان اوهان کي رليف ڏيڻ چاهيو ٿي جيڪڏهن اوهان نٿا وٺڻ چاهيو ته اوهان جي مرضي. جنهن کان پوءِ چيف جسٽس اسلام آباد عامر فاروق ۽ ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ اٿي ويو ۽ ججز چيمبر ۾ هليا ويا. عدالت عمران خان خلاف دهشتگردي جي 7 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته عمران خان پرائيويٽ اسپتال جي رپورٽ پيش ڪئي آهي جيڪا قبول ڪرڻ جهڙي نه آهي. ان تي فواد چوڌري ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا وارا بيٺل آهن ٽڪرز هلي رهيا هوندا. مون کي به ڪجهه رڪارڊ تي آڻڻ ڏيو جنهن کان پوءِ فواد چوڌري روسٽرم تي اچي ويو. فواد چوڌري چيو ته اڳوڻو وزيراعظم زخمي حالت ۾ آيو پر ان جي گاڏي کي اندر اچڻ نه ڏنو ويو ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عمران خان جي پيشي جي موقعي تي موٽر سائيڪلون ۽ گاڏيون ساڙيون ويون. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ۽ فواد چوڌري وچ ۾ تڪرار ٿي، گهڻو ڳالهائڻ تي ججز اٿي هليا ويا.عدالت ڪجهه دير کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي 2 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 9 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي جڏهن ته 7 ڪيسن ۾ 10 ڏينهن جي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. عمران خان کي 7 ڪيسن ۾ ضمانت جي لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطي جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو