اسحاق ڊار جي سينيٽ واري سيٽ خالي قرار ڏيڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ کي خالي قرار ڏيڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته 60 ڏينهن دوران حلف نه کڻڻ تي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جو آرڊيننس آيو هو، جنهن تي اسحاق ڊار جي وڪيل سلمان اسلم بٽ ڪميشن ۾ پيش ٿي پنهنجي موقف ۾ چيو ته بطور ڪامياب اميدوار 9 مارچ تي اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو سلمان اسلم بٽ وڌيڪ چيو ته 29 مارچ 2018 تي اسحاق ڊار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ٿيو، سپريم ڪورٽ مان درخواست رد ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن بحال ٿي ويو هن چيو ته اسحاق ڊار تي آرڊيننس لاڳو نٿو ٿئي ڇو ته اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن معطل هو ته اهو حلف ڪيئن کڻي سگهي ٿو اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته سوال اهوئي آهي ته اسحاق ڊار نااهل ٿي ڪو آهي يا نه جنهن تي سندس وڪيل چيو ته آرڊيننس جو مدو هونئن به پورو ٿي چڪو آهي اليڪشن ڪميشن سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏيڻ جو نوٽيس واپس وٺي ڪوبه ميمبر 5 سال به حلف نه کڻي ته اهو نااهل نٿو ٿي سگهي ڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ 2 مهينن دوران حلف نه کڻڻ تي نااهلي جي شق ڪڍي وئي آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته ترميمي ايڪٽ کان اڳ جيڪڏهن اسحاق ڊار نااهل هو ته هاڻ اهو اهل ڪيئن ٿي ويو اليڪشن ڪميشن قانون جي تشريح نٿو ڪري سگهي اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران جاري ڪيل آرڊيننس غير آئيني هو جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن حلف نه کڻڻ تي اسحاق ڊار جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

پنھنجي راءِ لکو