ٺڪراٺو : ڊوائس مافيا سرگرم مستحق عورتن جي آيل رقم مان في ڪارڊ تي ٻھ هزار روپيه ڪٽوتي ڪرڻ لڳا ميڊيا آڏو دانهيندئو ته اوهان جي ٻيهر رقم نه ايندي ڊوائس ايجنٽن پاران مستحق اٻوجھ عورتن تي داٻا مبارڪپور پوليس کي دانهن پوليس به تحرڪ نه ورتو بي آء ايس پي پروگرام جي اعلي آفيسرن کي واهر ڪرڻ جي گهر سموري سنڌ جيان ٺڪراٺو ۾ به ڊوائس ايجنٽ سرگرم ٿي ويا آهن ٺڪراٺو ۾ اٺ بااثر ڊوائس ايجنٽ جيڪي غريب ۽ ٻوجھ مستحق عورتن جي ايندڙ رقم تي ڌاڙو هڻي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ايندڙ مستحق عورتن لاء جي وظيفي مان ٻھ هزار روپيه في ڪارڊ تي سرعام ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آهن ٺڪراٺو جي چالاڪ ڊوائس ايجنٽن پاران ٺڪراٺو هاء سڪول سينٽر ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپ ڄاڻائي هاء اسڪولى ۾ هلندڙ سينٽر بند ڪرائي ڍنڍي ۾ سينٽر ۾ شفٽ ٿيڻ بعد ڊوائس ايجنٽ ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ لهي پيا جتي هو مستحق عورتن لاء ايندڙ رقم مان في شناختي ڪارڊ تي ٻھ کان ٽي هزار روپيه سرعام ڪٽوتي ڪرڻ لڳا جڏهن ڪجھ عورتن ۽ سندن وارث مردن ميڊيا آڏو دانهيو ته هي ايجنٽ سرعام ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آهن ميڊيا پاران انهن جا ويڊيوز پڻ هٿ ڪري جڏهن انهن کان اها ڇا ڪئي ته اوهان ڪٽوتي ڇو ٿا ڪريو ته انهن ميڊيا کي جواب ڏيڻ بدران مستحق عورتن جي مٿان داٻا ڪندي چيو ته هاڻ اوهان کي رقم صحافي ڏين جڏهن ته آئنده اوهان لاء ايندڙ وظيفو به بند ڪرايون ٿا ۽ هو ڊوائسون بند ڪري ويهي رهيا جنهن بعد ميڊيا پاران مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر مبارڪپور پوليس جا اهلڪار اگهور ننڊ سمهي پيا ، ذريعن وٽان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته مبارڪپور جا ٻھ اهلڪار ٺڪراٺو سٽي انچارج بشير احمد ڇڄڻ ۽ اي ايس آء ياسين مڱڻهار روزاني جي بنياد تي ڊوائس ايجنٽن کان منٿلي اوڳاڙين ٿا جنهنڪري هو ايجنٽن کي ڪجھ به نه چوندا ، هوڏانهن مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايت تعلقو پنوعاقل جي بي آء ايس پي انچارج ناصر ڀٽو کي پڻ ڪئي ان پاران به ڪو مثبت جواب نه ڏنو ويو ،مستحق عورتن ۽ انهن جي وارثن پاران بي آء ايس پي پرگرام جي مينجر ، اعلي آفيسرن ۽ ايس ايس پي سکرکان اها گهر ڪئي ته فوري طور هنن ڌاڙيل ڊوائس ايجنٽن خلاف نوٽيس وٺي ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي
