اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن. اسلام آباد ۾ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو چوٿون دور منعقد ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چيني پرڏيهي وزير چن ڪانگ ڪئي.پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته چن ڪانگ سان ڳالهين دوران اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، اسان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي ۾ سماجي، اقتصادي ترقي، رابطن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان ون چائنه پاليسي جي حمايت ڪري ٿو. اسان پرامن، مستحڪم، خوشحال ۽ متحد افغانستان جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملي ڪم ڪندا رهنداسين.پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بلاڪ جي سياست ڪنهن به قسم جي وڌيڪ طاقت جي مقابلي خلاف آهي. ترقي ۽ رابطن جي گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورن ملڪن سان ملي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسان ايندڙ عالمي خدشن جنهن ۾ انسان جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلي جي روشني ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان چين سان جڙيل رهڻ لاءِ پرعزم آهيون.بلاول چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي 72 سالن جي پراڻي دوستي آهي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان مضبوط ٿي رهي آهي نسلون، سياسي ورهاست جي باجود ان تي اتفاق راءِ ڪن ٿيون. هلندڙ سال پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي کي هڪ ڏهاڪو مڪمل ٿي ويو آهي جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ تعاون جي نمايان مثال آهي جيڪو سماجي، اقتصادي ترقي کي هٿي ڏئي رهيو آهي.پريس ڪانفرنس دوران چيني پرڏيهي وزير چن ڪانگ اهم معاملن تي ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سدابهار آهي. چيني پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي چين جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته اميد آهي پرڏيهي وزير جلد چين جو دورو ڪندو. چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قدمن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اميد آهي ته اسان جا دوستاڻا لاڳاپا ۽ ڳالهيون مستقبل ۾ به جاري رهندا.چيني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين جي تحفظ لاءِ قدمن جي حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو آگاهي ڏني آهي. ٻئي ملڪ سي پيڪ جي اڳڀرائي تي مطمئن آهن ۽ پاڪستاني مصنوعات جي لاءِ چين جي مارڪيٽ موجود آهي. چيني پرڏيهي وزير آفريقي ڳالهين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته خطي جي ملڪن ۾ افغانستان جي معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪنداسين. پاڪستان ۽ چين افغانستان جي نئين سري سان تعمير لاءِ مدد لاءِ تيار آهي. اميد آهي افغانستان پاڙيسرين جي دهشتگردي جي خدشن کي سنجيدگي سان وٺندو ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون.
