اسلام آباد : پوليس عمران خان کي 4 مختلف ڪيسن ۾ جاچ جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد پوليس عمران خان کي 10 ۽ 11 مئي تي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 153 ۾ عمران خان پيش ٿئي. ان کان علاوه کيس رمنا ٿاڻي ۾ ئي داخل ڪيس نمبر 154 ۾ 10 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 03 ۾ عمران خان کي 11 مئي ۽ گولڙه ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 143 ۾ به 11 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.عمران خان کي پوليس لائين هيڊ ڪوارٽرز ۾ جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
