75

آرمي چيف سان چين ۽ افغان پرڏيهي وزيرن جي ملاقات

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان چيني اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير چن ڪنگ ۽ افغان وقتي پرڏيهي وزير امير متقي جون ڌار ڌار ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ سي پيڪ، افغانستان جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون.آءِ ايس پي آر موجب آرمي هائوس ۾ چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ علاقائي سلامتي ۽ دفاعي توازن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران آرمي چيف چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ارادو ڪيو. آرمي چيف چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور منصوبن جي لاءِ به مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. اهو منصوبو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشينو جو هڪ اهم جز آهي.آرمي چيف علاقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي لاءِ چين جي اڻکٽندڙ حمايت جي به تعريف ڪئي. پرڏيهي وزير چن ڪنگ پاڙيسري ملڪن جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. چيني پرڏيهي وزير سي پيڪ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. چيني پرڏيهي وزير سي پيڪ جي وقت تي مڪمل ٿيڻ لاءِ چين جي عزم جو ارادو ڪيو ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي پاڪستان جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. ٻنهي شخصيتن خطي ۾ سيڪيورٽي جي اڀرندڙ صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون.آرمي چيف خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ چين جي ڪردار کي مڃيو. ٻنهي ڌرين گڏيل سيڪيورٽي چيلنجز کي موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دفاعي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ پنهنجي موجوده تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ارادو پڻ ڪيو.هوڏانهن آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. آرمي چيف ۽ افغان وقتي پرڏيهي وزير گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ علاقائي، سلامتي، بارڊر مينجمينٽ ۽ موجوده سيڪيورٽي ماحول ۾ بهتري جي لاءِ ٻطرفي سيڪيورٽي ميڪانزم کي باقاعده ٺاهڻ جي رخن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.آرمي چيف دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي گڏيل چيلينجن سان موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ آرمي چيف گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ افغان عبوري حڪومت طرفان مڪمل حمايت ۽ عزم جي ضرورت تي به زور ڏنو.پرڏيهي وزير متفي افغانستان جي عوام لاءِ پاڪستان جي روايتي حمايت جي تعريف ڪئي. افغان پرڏيهي وزير پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ ترقي ۾ سهولتڪاري جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن علاقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل ڳڻتي جوڳن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ باقاعده رابطن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. آرمي چيف هڪ مستحڪم پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي پاڪستان جي ارادن جو اظهار پڻ ڪيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو