78

عمران خان: سان عام شهرين جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان هميشه عدليه جي توهين ڪئي آهي، هن ڪڏهن به قانون جي پاسداري ناهي ڪئي هو سمجهي ٿو ته ڪير به هن کان پڇڻ وارو نه آهي. عمران خان جي گرفتاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان مٿان ڪرپشن جا الزام هئا ان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪوبه تعلق ناهي اها گرفتاري نيب طرفان ڪئي وئي ۽ قانون موجب هئي.سُڌ سماءُ واري وزير چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين نٿا رکون. عمران خان کي گرفتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار نه ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائينداسين ڪابه جمهوري حڪومت اهڙو ڪم ڇو ڪندي؟ عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جي آواز کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.مريم اورنگزيب چيو ته عدالتي حڪم جاري ٿيڻ کان پوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهيون ڪري. هڪ ٻئي سوال تي وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪوبه پرامن شهري روڊ تي نه هو، صرف هٿياربند ۽ دهشتگرد موجود هئا جنهن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو