ڪراچي ۾ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون، پهرين کان 30 سيپٽمبر تائين چڪاس ڪئي ويندي ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙ گاڏين تي لال اسٽيڪر لڳايا ويندا.
ھن زمري ۾ 2758 خبرون مليون آھن
سکر جي آباد لاکھا ۾ زمين تي مبينه قبضي جي ڪوشش، متاثر عبدالحنان سومرو پاران آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سکر کان تحفظ ۽ قانوني ڪاروائي جو مطالبو.
سکر جي الله آباد ڪالوني مان چار مهينا اڳ لاپتا ٿيل نوجوان آفتاب احمد جي وارثن پاران پوليس جي بيوسي تي ڏک جو اظهار ڪندي جلد بازيابي جي اپيل ڪئي وئي آهي.
مير رضا قتل ڪيس ۾ جوڊيشل ڪميشن پوليس عملدارن، آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور، ڪاروباري ڀاڱيدارن ۽ مقتول جي دوستن رازق ۽ حثيم کي طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي ورهاڱي جي ترديد، انتظامي يونٽن جو مطالبو ۽ ڪراچي جي مقامي ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ جي زور.
ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ ايم پي اي سهيل انور سيال وفاقي حڪومت تي طنز ڪندي چيو ته پنڊي ٻڏي ويو آهي تنهنڪري مراد شاهه ۽ ناصر شاهه استعيفا ڏين.
سنڌ هاءِ ڪورٽ مير رضا قتل ڪيس جي جاچ ڪميشن جي ڪارروائي ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ جو حڪم ڏيندي شفاف جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي.
شڪارپور ۾ مهر ۽ جتوئي برادرين جو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ نوجوان سخت زخمي، جرڳي جي باوجود معاهدن جي ڀڃڪڙي جاري.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ واهب شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتی ڪمن جو معائنو ڪيو، چيو ته صهبا اختر روڊ جلد مڪمل ڪيو ويندو.
سکر ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حدن ۾ جوابدارن جي فائرنگ سان پوليس اهلڪار زخمي، ايس ايس پي احمد چوڌري واقعي جو سخت نوٽس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم ڏئي ڇڏيا.