) آءِ ايم ايف جو وفد 15 مئي تي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 6 کان 8 ارب ڊالرن جي نئين بيل آئوٽ پيڪيج جا اهم نڪتا طئي ڪندو پر ان کان اڳ آءِ ايم ايف پاڪستان کي نئين تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف وڌيڪ ٽيڪس، بجلي ۽ گيس وڌيڪ مهانگو ڪرڻ، پينشنرز تي ٽيڪس لڳائڻ ۽ خساري ۾ هلندڙ هر سرڪاري اداري کي وڪرو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر پينشن سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ تيار آهي ۽ هڪ لک کان گهٽ پينشن ڏيندڙن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ يا سمورن پينشنرن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويزن تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان حڪومت به سرگرم ٿي وئي آهي. آءِ ايم ايف مشن جي آمد کان اڳ بجيٽ جا هدف مقرر ڪرڻ، بجيٽ اسٽريٽجي پيپر ڪابينا کان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ وزارتن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ناڻي واري وزارت بجيٽ جوڙڻ جو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، قرضن جي واپسي، دفاعي بجيٽ ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ سميت ٻيا هدف آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيا ويندا.