اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سگريٽن جي غير قانوني خريد ۽ وڪري سان 80 اربن جي ٽيڪس چوري تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر اختيارين وزيراعظم کي سگريٽن جي غير قانوني خريد ۽ وڪري تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ان حوالي سان ڪئي ويندڙ ڪارروائي جي ماهوار رپورٽ به وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سگريٽن جي غير قانوني فيڪٽرين خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايف بي آر کي سڀني فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جلد لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي.ايف بي آر ان لينڊ روينيو انٽيليجنس ٽيمون سگريٽن جي غير قانوني فيڪٽرين تي ڇاپا هڻنديون، غير قانوني سگريٽن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ آءِ ايم ايف کي به موڪلي ويندي.ذريعن موجب ٻه درجن کان وڌيڪ سگريٽس مينوفيڪچرنگ ڪمپنيون اڃا تائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ شامل ناهن.