ڪراچي: قرض لاءِ آءِ ايم ايف جي نون شرطن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي به لوڏي ڇڏيو.اربع ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري سرگرميون مسلسل لاهن چاڙهڻ جو شڪار رهيون.ڪاروبار جي شروعات تي هنڊريڊ انڊيڪس 40 هزار 510 تي موجود هو پر آءِ ايم ايف جي شرطن بابت خبرن سيڙپڪارن جي اعتماد کي متاثر ڪيو.هڪ وقت ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 481 پوائنٽن جي گهٽتائي کانپوءِ 40 هزار 29 تي به ڏٺو ويو پر ان کانپوءِ مارڪيٽ ۾ ٿوري بهتري ڏٺي وئي.ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 97 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 412 تي بند ٿيو.