آءِ ايم ايف جي شرط تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو

آءِ ايم ايف جي شرط تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت جي هدايت تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پارٽي ميمبرن ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير پارلياماني پارٽي کي زراعت تي ٽيڪس بابت قانونسازي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي شرط تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ضروري آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته مراد علي شاهه اسيمبلي ميمبرن کي ٻڌيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه زرعي ٽيڪس بابت قانونسازي ڪري چڪا آهن. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينه جي اجلاس کي به سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب صوبائي ڪابينه جي اجلاس ۾ زرعي ٽيڪس بابت قانوني مسودي جي منظوري ڏني ويندي. پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن اڳواڻن جي آڏو پنهنجن خدشن ۽ راءِ جو پڻ اظهار ڪيو.