آءِ ايم ايف مشن پاڪستان ۾ ججن جون مقرريون، بينڪنگ مني لانڊرنگ، ۽ عدليه جي آزادي جو جائزو وٺڻ ۾ مصروف

 عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) مختلف معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجو مشن پاڪستان ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن خميس 6 فيبروري تي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 14 فيبروري تائين جاري رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن ججن جي مقرري ۽ عدليه جي آزادي جو جائزو وٺڻ ۾ مصروف آهي. مشن بينڪنگ ۽ مني لانڊرنگ جو به جائزو ورتو پيو وڃي. آءِ ايم ايف مشن گورننس جي معاملن جو به جائزو وٺندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن 19 وزارتن، کاتن ۽ ادارن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ جوڊيشل ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به شامل آهن. مشن جو فوڪس قانون جي حڪمراني بدعنواني جي روڪٿام ۽ مالياتي نگراني کي مضبوط ڪرڻ آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جي انهي مشن جي منصوبه بندي گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڪئي وئي هئي، آءِ ايم ايف مشن ايندڙ هفتي جوڊيشل ڪميشن سان گڏجاڻي ڪندو جنهن ۾ ججز جي مقرري جي طريقيڪار تي ڳالهيون ڪيون وينديون، عدليه جي آزادي جي مشن جو جائزو وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ به ملاقاتون ڪندو.