آءِ ايم ايف وفد نئين قرض پروگرام تي ڳالهين لاءِ ايندڙ مهيني پاڪستان پهچندو

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب انڪشاف ڪيو آهي ته نئين قرض پروگرام تي ڳالهين جي لاءِ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي ٽيم مئي جي وچ تائين پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب ناڻي واري وزير جو آمريڪا جي شهر واشنگٽن جو هڪ هفتي کان دورو ختم ٿي ويو آهي. دوري جي خاتمي تي گذريل ڏينهن 20 اپريل تي آمريڪي ۽ پاڪستاني ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته نئين پروگرام جا تفصيل جلد واضح ٿي ويندا. اسان مئي جي وچ ۾ پروگرام جي تفصيلن تي ڳالهيون شروع ڪنداسين.پاڪستاني سفارتخاني ۾ صحافين کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف جو بورڊ آف گورنرز هلندڙ مهيني جي آخر تائين موجوده پروگرام جي آخري حصي تي ڳالهيون ڪندو جنهن کان پوءِ حتمي قسط جلد جاري ڪئي ويندي. پاڪستان آءِ ايم ايف سان 6 کان 8 ارب ڊالرن تائين جو نئون قرض پيڪيج گهري رهيو آهي. ماضي جي بيانن ۾ ناڻي وارو وزير چئي چڪو آهي ته پاڪستان هڪ ڊگهي مدي جي لاءِ 3 سالن جي پروگرام کي ترجيح ڏيندو.