آءِ ايم ايف وفد پاڪستان پهچي ويو، اقتصادي جائزه ڳالهين جي شروعات

عالمي مالياتي فنڊ( آءِ ايم ايف) وفد پاڪستان پهچي ويو آهي جنهن کان پوءِ اقتصادي جائزه ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. آءِ ايم ايف وفد جي ناڻي بابت نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر سان تعارفي گڏجاڻي ٿي. ذريعن موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر جي اختيارين به آءِ ايم ايف وفد سان تعارفي ملاقات ڪئي. وفد پاران معاشي ٽيم جي قدمن جي واکاڻ ڪئي وئي ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب شيڊول موجب معاشي ٽيم سان تعارفي سيشن ۾ نگران ناڻي واري وزير سميت معاشي ٽيم گڏ هوندي. نگران ناڻي واري وزير طرفان ٻين وزيرن ۽ ڊويزن جي اختيارين کي ڳالهين جي لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي وئي آهي ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين دوران پاڪستان کي پرڏيهي فنانسنگ بابت پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي آهي. آءِ ايم ايف پرڏيهي فنانسنگ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪرنسي ايڪسچينج جي معاملي تي به اختلاف موجود آهن.