آءِ ايم ايف پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ اهم اڳڀرائي جو اعتراف ڪري ورتو

 آءِ ايم ايف پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي لاءِ اهم اڳڀرائي جو اعتراف ڪري ورتو آهي. عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جيوالي ڪوزيڪ واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي لاءِ اهم اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ نئين واڌو فنڊ سهوليت جي تحت مدد ڪري سگهجي ٿي جنهن جي لاءِ پاڪستان سان ورچوئل ڳالهين جو عمل جاري آهي ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان 6 کان 8 ارب ڊالر جو نئون 3 سالن جو قرض پروگرام ملڻ جي اميد آهي. جيولي ڪوريڪ پاڪستان سان  امڪاني نئين قرض معاهدي بابت سوال جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف مشن 13 کان 23 مئي 2024 تائين پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ان ۾ اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ٿي آهي.