آءِ ايم ايف پاڪستان کان ايندڙ مالي سال لاءِ شرطون طلب ڪري ورتيون

تفصيل موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ايم اي ايف پي جي ڊرافٽ ۾ اقتصادي ٽيم کان ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس ٽارگيٽ 11 هزار ارب کان وڌيڪ رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت خرچن ايندڙ مالي سال لاءِ 16 هزار 500 ارب تائين هوندو، جڏهن ته قرضن ۽ سود جي ادائيگي 9500 ارب رپين کان وڌيڪ هوندي، خرچن جو ڪاٿو 2100 ارب رپيا آهي، ايم اي ايف پي جي مسودي ۾ 3 هزار ارب رپيا رکيا ويا آهن. سبسڊيز ۽ گرانٽس جي شرطن ۾ چيو ويو ته ايندڙ مالي سال ۾ صوبن کي 5 هزار 320 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا، ايف پي ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام تحت 780 ارب رپيا وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي ۽ مالي خسارو پورو ڪرڻ جي تجويز آهي. ايندڙ مالي سال ۾ 9 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.