آءِ ايم وفد جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ معاشي ٽيم سان ملاقات

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٻئين ۽ آخري اقتصادي جائزي لاءِ باقاعده ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ناڻي واري وزارت ۾ ٿيندڙ تعارفي اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر، وزير توانائي ۽ ايف بي آر چيئرمين شريڪ آهن. آءِ ايم ايف جي جائزه مشن جي قيادت نيتهن پورٽر ڪري رهيو آهي آءِ ايم ايف جي ٽيم سان ناڻي واري وزير، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ توانائي واري وزير جون ڌار ڌار ملاقاتون به شيڊول آهن. ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف مشن کي حڪومتي ترجيحات کان آگاهه ڪندو. اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آءِ ايم ايف مشن کي آءِ ايم ايف حدفن تي عمل ڪرڻ جي باري ۾ آگاهي ڏيندو ناڻي واري وزارت موجب ٻئي اقتصادي جائزي جي تحت پاڪستان آءِ ايم ايف جي سمورن حدفن تي عمل ڪري چڪو آهي. قرض پروگرام جي تحت آءِ ايم ايف جي 26 مان 25 اهم ترين حدف پورا ڪيا ويا آهن.