آءِ جي سنڌ شڪارپور پهچي ويو، شهيدن جي يادگار تي حاضري

آءِ جي سنڌ رفعت مختار سنڌ جي دوري تي شڪارپور پهچي ويو. آءِ جي سنڌ کي چاڪ ۽ چوبند دستن طرفان سلامي ڏني وئي.، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي شڪارپور آفيس ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري دعا ڪئي ڊي آئي جي لاڙڪاڻه ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجه جو استقبال ڪيو.ايس ايس پي آفيس پهچڻ تي آءِ جي سنڌ کي پوليس جي چاڪ و چوبند دستي جنرل سلام پيش ڪئي. آئي جي سنڌ ٻين سينئر آفيسرن سميت شهيدن جي يادگار تي فاتحہ خواني ڪئي. دوري دوران آئي جي سنڌ جي صدارت هيٺ ايس ايس پي آفيس شڪارپور ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه ناصر آفتاب، ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو، ايس ايس پي اسپيشل برانچ لاڙڪاڻه منصور احمد مغل ۽ ايس ايس پي سٽي شڪارپور محمد عثمان خان شرڪت ڪئےايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان آئي جي سنڌ کي ضلعي شڪارپور جي ڪچي ۽ امن و امان جي حوالي سان بريفنگ ڏني ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ ڏوهاري پيشور ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز به حصو وٺندي ان سان گڏوگڏ ڪچي ۽ پڪي جي علائقن کي ڏوھن کان محفوظ بڻائڻو آھي آءِ جي سنڌ دوري دوران چيو ته ڪچي ۾ امن امان کي يقيني بڻايو ويندو ڏوھارين جي خلاف جديد ھٿيارن سان آپريشن ڪيو ويندو. آئي جي سنڌ چيو ته ڏوھارين جي سھولتڪارن ۽ مددگارن جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڪچي ۽ پڪي مان ڏوھارين جو خاتمو ڪرڻ ۽ عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ سنڌ پوليس جي ترجيحات ۾ شامل آھي. ڏوھارين جي خاتمي تائين ڪچي ۾ آپريشن جاري رھندو۔