پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم جهڙو ايترو وڏو ڪم ٻئي چيف جسٽس جي موجودگي ۾ ممڪن نه هو. برطانوي خابرو اداري کي هڪ انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي انهي ڳالهه جي خبر نه هئي ته منصور علي شاهه چيف جسٽس نه بڻجندو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کان سواءِ اسان جا نمبر پورا هئا، اپوزيشن جي ان پٽ کان سواءِ اسان جا نمبر پورا هئا، اسان پنهنجي مرضي جو آئين آڻي سگهون پيا، پر پيپلز پارٽي جو اهو طريقيڪار رهيو آهي ته ميثاق جمهوريت جو واعدو پورو ڪرڻو آهي انهي لاءِ مان زور زبردستي جو ووٽ نٿي چاهيو. هن چيو ته 1973 جو آئين پاس ٿيو ته انهي تي تنقيد ڪئي وئي، 18هين ترميم منظور ٿي ته انهي تي به تنقيد ڪئي وئي، ساڳيا ماڻهو هاڻ هن ترميم تي به تنقيد ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا آهن ته فارم 47، اسان چوندا هئاسين ته سليڪٽڊ، اهو ته اوهان به مڃيندو ته مان نه فارم 47 وارو آهيان ۽ نه ئي سليڪٽڊ آهيان. پ پ چيئرمين چيو ته جيڪي اختيار آئيني عدالت کي ملڻا هئا اهي آئيني بينچ کي ملي ويا، اهي الڙام به ڪوڙا آهن ته پيپلز پارٽي فوج جي چوڻ تي اهو ڪري رهي آهي. مون ميثاق جمهوريت تي عمل ڪيو اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي نه مون پنهنجي والده جي چوڻ موجب اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ڀوڳي رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جسٽس يحيٰ آفريدي جي بطور چيف جسٽس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو.