آئي بي اي 2021 ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ ۽ 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ويٽننگ اميدوارن تعليم کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري اڪبر لغاري پاران پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتي واري هلندڙ پراسيز تي ناجائز بندش هڻڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب غوثپور سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هي احتجاج سڄي سنڌ ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ويٽننگ اميدوارن پاران ڪيو ويو۔ ان سلسلي ۾ تعلقي ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواني جي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ڪليم الله ڀيو ۔ سيد سرفراز شاه۔ منظور احمد اوڳاھي۔ نور علي۔ فاروق ڀيو۔ تاج محمد اوڳاھي۔ ماجد چاچڙ۔ دوست محمد قمبراڻي اسرار احمد عبدالحق ۽ ٻين اميدوارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتي واري هلندڙ مرحلي تي بنا جواز بندش لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ ڪابينه ، هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به حڪم ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتي واري هلندڙ پراسيز تي بندش جو ذڪر ئي ناهي، پر تنهن جي باوجود انتظار ۾ ويٺل اميدوارن کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ ڀرتي وارو سلسلو بند ڪيو ويو آهي اسين نگران حڪومت سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته 2021 کان استادن جي ھلندڙ ڀرتين تي لڳايل ناجائز پابندي ختم ڪري اميدوارن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ۔ٻي صورت ۾ 17 سيپٽمبر تي پوري سنڌ ۾ ضلعي ليول تي ۽ 25 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويندو..