آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صدر عارف علوي اڃا تائين صحيح نه ڪيو آهي

آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2023 تي صدر عارف علوي اڃا تائين صحيح نه ڪيو آهي، آرمي ايڪٽ تحت فوج کي بدنام ڪرڻ يا ان خلاف نفرت پکيڙيندڙ کي ٻن سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ وڌو ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب آرمي ايڪٽ 31 جولاءِ تي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو هو، بل پهرين آگسٽ تي منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪليو ويو هو قانون سازي کاتي جي ذريعن موجب اڃا تائين صدر کان بل اسان کي نه مليو آهي، جيڪڏهن صدر اڄ تائين ان تي دستخط نه ڪيو ته بل پاڻمرادو قانون بڻجي ويندو. 31 جولاءِ 2023ع تي سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي به آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪستان جي سلامتي ۽ مفاد ۾ حاصل ڪيل غير مجاز معلومات کي سرڪاري حيثيت ۾ ظاهر ڪندڙ کي پنجن سالن تائين سخت قيد جي سزا ڏني ويندي آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان انڪشاف ڪندڙ شخص کي سزا نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪو به شخص پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي مفادن خلاف معلومات ظاهر ڪندو ته ان سان آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن قانون تحت ڪو به شخص سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو، لاڳاپيل شخص ريٽائرمينٽ، استعيفيٰ، برطرفي کان ٻن سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو حساس ڊيوٽي تي مقرر ٿيل شخص پنجن سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو، سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ تي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي ٻن سالن تائين سخت سزا ڏني ويندي. آرمي ايڪٽ تحت جيڪڏهن ڪو ماڻهو اليڪٽرانڪ ڪرائم ۾ ملوث هوندو آهي جنهن جو مقصد پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ هوندو آهي ته ان خلاف اليڪٽرونڪ ڪرائم ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، کيس ٻه سال قيد ۽ ڏنڊ وڌو ويندو.