آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ آمريڪي دفاع واري وزير وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو

آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ آمريڪي دفاع واري وزير وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري پيٽ رائڊر موجب پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ جي آستن فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي پيٽ رائڊر ٻڌايو ته جنرل عاصم منير ۽ آمريڪي دفاع واري وزير وچ ۾ گڏيل مفادن وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته ان دوران علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون ويون.