آرمي چيف سان بحرين نيشنل گارڊ ڪمانڊر جي ملاقات، دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي روايتي مضبوط دفاعي سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو آءِ ايس پي آر موجب بحرين جي نيشنل گارڊ ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفه فوجي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون ٻنهي اڳواڻن علاقائي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششن ۽ تربيتي تبادلن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي روايتي طور تي مضبوط دفاعي، سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. بحرين سان فوجي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي آرمي چيف گڏيل سيڪيورٽي چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. پاڪ فوج جي پيشوارانه مهارت جو اعتراف ڪيو. هن دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو.