سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽن حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن ريٽرننگ آفيسر اين اي 223 تان اميدوار حسام مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا جڏهن ته پي ايس 70 تان اميدوار حسنين مرزا جا به نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا. ٻنهي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪيو هو اليڪشن ٽربيونل حسام مرزا ۽ حسنين مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو آر او جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتاياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سندس مڙس ذولفقار مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيلون به رد ڪيون ويون. اليڪشن ٽربيونل ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر جو نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو.