ڪراچي : جي ملير جي عدالت آزادي واري ڏهاڙي تي باجا وڄائڻ ۽ خريد و فروخت تي پابندي لاڳو ڪندي 14 آگسٽ تي باجا وڄائي عوام کي پريشان ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب شهر قائد ڪراچي جي مقامي عدالت جشن آزادي جي موقعي تي باجا وڄائڻ ۽ باجي جي خريد و فروخت تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير جي عدالت ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ سيد انور علي شاهه ايس ايڇ او شريف ڳوٺ ۽ سچل کي جشن آزادي جي موقعي تي باجي کيڏڻ ۽ وڪڻڻ وارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن ٿيندڙ ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي بگل لڳائي عوام کي پريشان ڪيو وڃي ٿو، بگل ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي ٻئي طرف ٻڌايو ويو آهي ته جشن آزادي جي موقعي تي سرڪاري ملازمن کي هفتيوار موڪلن سان گڏ اضافي موڪل هوندي. گذريل مهيني جي آخر ۾ 3 موڪلون حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي هاڻي ٻيهر 3 موڪلون ملڻ جو امڪان آهي. اسٽيٽ بئنڪ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب 14 آگسٽ تي عام موڪل هوندي، جنهن سبب اسٽيٽ بئنڪ بند رهندي سينٽرل بئنڪ آف پاڪستان جي بندش سبب سموريون بئنڪون به بند رهنديون، ياد رهي ته 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي. 15 آگسٽ اڱاري تي سڀ بئنڪون معمول مطابق گراهڪن لاءِ کليل هونديون، وفاقي ملازمن کي ڇنڇر ۽ آچر تي عام موڪل هوندي، سومر تي يوم آزاديءَ سان گڏ سرڪاري ملازم ٽن ڏينهن جي موڪلن جو مزو وٺندا. ملڪ جي جن علائقن ۾ سرڪاري ملازم ڇنڇر ۽ آچر تي موڪلون وٺندا آهن، اتي 14 آگسٽ سومر تي به موڪل هوندي، وفاقي حڪومت اڃا تائين 14 آگسٽ جي موڪل جو اعلان نه ڪيو آهي. حڪومت طرفان 14 آگسٽ تي عام موڪل جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.