آزادي ڏهاڙي تي عوام کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ وارو تحفو ملڻ جو امڪان

آزادي جي ڏهاڙي تي عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ عوام کي ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي ذريعن موجب گذريل عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ کان پوءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 14 روپيه في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 24 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان آهي حڪومت اڳ ئي پهرين آگسٽ 2023 تي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيتن ۾ تقريبن 20 روپيه اضافو ڪري چڪي آهي آءِ ايم ايف جي قرضن جي شرط حڪومت کي مجبور ڪيو آهي ته اها وڌندڙ شين جي قيمتن ۾ واڌ جو بار عوام مٿان وجهي گذريل ٻن هفتن دوران ريفائنڊ شين جي قيمتون 13 ڊالر في بيرل واڌ سان 111 ڊالر في بيرل ۽ پيٽرول جي قيمت 7 ڊالر في بيرل اضافي سان 97 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي ياد رهي ته حڪومت پيٽرول تي 55 روپيه ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 50 روپيه في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪري رهي آهي.