آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ احتجاج، جلسن ۽ جلوس تي پابندين بابت صدارتي آرڊيننس جي خلاف عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مظفر آباد، ميرپور، باغ، برناله ۽ اڻهه مقام ۽ نيلم سميت وادي آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ بازار، دوڪانون، هوٽل، ڊيري شاپس، هوٽلون، ميڊيڪل اسٽورز ۽ تعليمي ادارا بند آهن. مختلف ضلعن ۽ پاڪستان جي مختلف صوبن لاءِ هلندڙ ٽريفڪ به معطل آهي. ڏورانهين علائقن ۾ به هڙتال ڪئي پئي وڃي اتي جا به تعليمي ادارا بند ۽ ٽريفڪ معمول کان گهٽ آهي. ياد رهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت هڪ مهينو اڳ صدارتي آرڊيننس جي ذريعي احتجاجي جلسن، جلوسن، مظاهرن تي پابندي لڳائي هئي، صدارتي آرڊيننس جي ڀڃڪڙي تي 7 سالن تائين قيد جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي. عوامي ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته صدارتي آرڊيننس جي خلاف آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي مظاهرن دوران ڪيترائي شهري گرفتار آهن، عوامي ايڪشن ڪميٽي 5 ڊسمبر کان آزاد ڪشمير ۾ اڻڄاتل مدي تائين هڙتال جو سڏ ڏنو هو. عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اپيل تي شٽرڊائون هڙتال جا اعلان آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن جي مسجدن مان به ڪرايا ويا. آزاد جمون، ڪشمير سپريم ڪورٽ هڪ ڏينهن اڳ صدارتي آرڊيننس کي عارضي طور تي معطل ڪري چڪي آهي.