آصف زرداري جي ڳڙهي خدابخش آمد، شهيدن جي مزار تي حاضري

صدر پاڪستان آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني بعد ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي لاءِ دعا گهري جڏهن ته صدر آصف علي زرداري جي آمد کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو هو ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.