آمريڪا، ايران دوحا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، ڌرين جو ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق

پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ دوحا ۾ ٿيل اڻسڌين ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ايندڙ ڏينهن ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.پرڏيهي آفيس موجب ان سلسلي ۾ پاڪستاني ۽ قطري ثالثن دوحا ۾ آمريڪي ۽ ايراني ڳالهين ڪندڙن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جتي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ترجمان وڌيڪ چيو ته دوحا ڳالهين دوران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ اڳڀرائي ٿي، جيڪا ليڪ لوسرن سربراهي اجلاس ۾ ٿيل اڳڀرائي جو تسلسل آهي. ٻنهي ڌرين سفارتي رابطا ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.