آمريڪا، جاپان، ڪوريا، سينيگال، ٿائيلينڊ سميت 15 ملڪن مان وڌيڪ 118 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو. ڪجهه کي ڪراچي پهچڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. اميگريشن ذريعن موجب سعودي عرب مان پاسپورٽ گم ٿيڻ، بليڪ لسٽ، معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ غير قانوني ڪم ڪرڻ جي الزامن سميت 61 پاڪستانين کي بيدخل ڪيو ويو. ذريعن موجب غيرقانوني طور تي عراق ۾ داخل ٿيل، وڌيڪ وقت گذارڻ تي 15 پاڪستانين کي واپس اماڻيو ويو، جڏهن ته عمان مان 7 پاڪستاني غيرقانوني داخل ٿيا، اجر طرفان نوڪرين مان هٽائڻ ۽ بليڪ لسٽ ٿيڻ تي کين واپس اماڻيو ويو. انهي کان علاوه آمريڪا ۾ هڪ پاڪستاني کي قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏئي واپس اماڻيو ويو. ڪوريا ۾ به هڪ پاڪستاني کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. جڏهن ته ٿائيلينڊ ۾ هوٽل جي بڪنگ نه ٿيڻ خرچ جي رقم گهٽ ٿيڻ تي 2 پاڪستانين کي انٽري نه ڏني وئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته بحرين، يوگنڊا، ڪينيا، قبرص، مراڪش، ڪوريا، سينيگال، بوسٽوانه مان هڪ هڪ پاڪستاني کي ڊي پورٽ جڏهن ته جاپان مان 2 پاڪستانين کي وزٽ ويزا جي لاءِ مطمئن نه ڪرڻ سبب ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي.