آمريڪا سان لاڳاپا آهن، ضروري ناهي ته ان جي هر ڳالهه مڃي وڃي: نگران وزيراعظم

نگران وزيِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معاملي تي اتفاق ڪيو وڃي، ملڪن ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ۽ اختلاف رهندو آهي پاڪستان جي دوري تي آيل هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته آمريڪي سان اسان جا هاڪاري ۽ تعميري لاڳاپا آهن ۽ اسان پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي ۽ هاڪاري ڀائيواريءَ جو خواهشمند آهيون. پر اِهو ضرورت ناهي ته آمريڪا سان هر معامي تي اتفاق ٿئي ندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪي گڏجي دهشتگرديءَ خلاف ڊگهي ويڙهه وڙهي آهي، اسان گڏجي عالمي امن لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو، پهرين اسان جي پاڙي ۾ هڪ وڏي سُپر پاور روس موجود رهيو، آمريڪا جي قيادت ۾ اولهه وارن مُلڪن جو اتحاد به اسان جي پاڙي ۾ رهيو، جغرافيائي لحاظ کان عالمي طاقتن جي پاڙي ۾ موجودگي جو اسان تي گهرو اثر پيو هن چيوته پاڪستان ماحولياتي تباهي سان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ملڪ ۾ مسئلا وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽ آهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي ۽ جهموري معاشري ۾ هر فرد جي حقن جو تحفظ ضروري آهي هن چيو ته بهتر موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي پرڏيهه وڃڻ کي خراب نه سمجهيو وڃي، ڇا هي پهريون ڀيرو آهي ته نوجوان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا آهن؟، بلڪل نه، هر مهيني هر سال ماڻهو پرڏيهه وڃن ٿا جيڪو معمول آهي هڪ سوال جو جواب ڏيندي وزيرِ اعظم چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن کان مونکي سوشل ميڊيا تي هڪ اڻپوري بيان سبب ٽرول ڪيو پيو وڃي جنهن جي مان وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي وزيراعظم وڌيڪ چيوته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آمدني ۽ خرچن ۾ توازن نه هجڻ آهي، پاڪستان ۾ مسئلا وڌيڪ، خرچ ۽ وسيلا گهٽ آهن پر پاڪستان جي عوام ۾ مسئلن ۽ بحرانن مان نڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، مون ڄاڻ ناهي ته آءِ ايم ايف کي هڪ دشمن ڇو ٿو سمجهيو وڃي.