آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ حملا روڪڻ تي اتفاق، آبنائي هرمز بابت ڳالهيون اڄ دوحا ۾ ٿيڻ جو امڪان

آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس موجب آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي خلاف فوجي ڪارروايون روڪڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. هڪ سينيئر آمريڪي عملدار موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ آبنائي هرمز بابت تڪرار جي حل لاءِ قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ فني سطح جون ڳالهيون ٿينديون.رپورٽ موجب جنگبندي کي صرف 11 ڏينهن ٿيا آهن، پر معاهدي جي مختلف تشريحن سبب صورتحال ٻيهر ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وئي هئي ۽ ٻنهي پاسن کان حملا پڻ ڪيا ويا.آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته في الحال ٻنهي ملڪن فوجي ڪارروايون روڪڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته بحري جهازن جي آزاد آمدرفت جاري رهندي ۽ تڪرار جي حل لاءِ ڳالهيون به جاري رهنديون