آمريڪي سفير جي نوازشريف سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان جاتي امرا ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون نوازشريف طرفان پرڏيهي سفارتي عملي سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نوازبه شرڪت ڪئي نوازشريف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملاقات دوران نوازشريف آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پائيدار، ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستحڪم ۽ مضبوط ڀائيواري جي اهميت کي به مڃيو ويو نوازشريف ملاقات دوران پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. خاص طور تي ايندڙ چونڊن جي لاءِ پنهنجي پارٽي جي تيارين جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. هن يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي عوام هڪ دفعو ٻيهر مسلم ليگ(ن) تي ڀروسي جو اظهار ڪندي جيئن ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي سگهجي آمريڪي سفير ۽ نوازشريف وچ ۾ ملاقات دوران واپار سميت مختلف شعبن معيشت، آبهوا جي تبديلي، سلامتي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ميان نوازشريف بيگناهه فلسطينن جي شهادت جو معاملو اٿاريو. نوازشريف فوري طور تي دشمني جي خاتمي ۽ ماڻهن جي انساني ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي تي زور ڏنو.