آمريڪي سفير جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات، چونڊن تي حمايت جو يقين ڏياري ڇڏيو

آمريڪي سفير چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ هن چونڊن جي حوالي سان آمريڪي حمايت جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ۾ پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب آزادانه ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ هن شفاف چونڊن جي لاءِ آمريڪي حمايت جو يقين ڏياريو ڊونلڊ بلوم ملاقات دوران چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي اڳواڻن جي چونڊ ڪرڻ پاڪستاني عوام جو ڪم آهي آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي آمريڪا پاڪستان جي چونڊيل نمائندن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو