ڊونلڊ لو چيو آهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن جي طرفان 10 ڪروڙ 10 لک ڊالر پاڪستان جي لاءِ امداد جي درخواست ڪئي وئي آهي. آمريڪا جي وچ ايشيا بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي ۾ پيش ٿيو جتي هن پاڪستان ۽ افغانستان جي حوالي سان بريفنگ ڏني. آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي ۾ پيشي جي موقعي تي ڊونلڊ لو چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي حمايت تي ڌيان جڙيل آهي، آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان 10 ڪروڙ 10 لک ڊالر پاڪستان جي لاءِ امداد جي درخواست ڪئي وئي آهي. آمريڪا جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته امدادي رقم پاڪستان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ اقتصادي اصلاحات ۽ قرض ۾ مدد جي لاءِ ڏني ويندي. رقم مان پاڪستان کي پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان ۾ عورتن ۽ اقليتي گروپن جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، جڏهن ته افغانين جي حقن جو احترام نه ڪيو ويندو، طالبان حڪومت سان لاڳاپا معمول تي نٿا اچي سگهن. طالبان حڪومت سمورن آمريڪي شهرين کي آزاد ڪري.