آمريڪي عوام هڪ دفعو ٻيهر مون تي ڀروسو ڪيو آهي، آمريڪا کي مضبوط بنائڻ تائين چين سان ڳالهيون نه ٿينديون: ڊونلڊ ٽرمپ

 اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابي کان پوءِ چيو آهي ته آمريڪي عوام هڪ دفعو ٻيهر مون تي ڀروسو ڪيو آهي.  ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ فتح ماڻڻ کان پوءِ تقرير ڪندي چيو ته هڪ دفعو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي عوام جو ٿورائتو آهيان، اسان ٻيهر آمريڪا کي عظيم بنائينداسين. هن چيو ته اهڙي طرح جي چونڊ مهم پهريان ڪڏهن به ناهي هلي ۽ آمريڪي عوام هڪ دفعو ٻيهر مون تي ڀروسو ڪيو، منهنجي ايجنڊا قوم جي بهتري لاءِ هو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي عوام جي بهتري لاءِ مضبوط قدم کڻنداسين، مضبوط ۽ جمهوري روايتون رکندڙ آمريڪا اولين ترجيح آهي، آمريڪا کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻنداسين. هن چيو ته اسان کي پنهنجي سرحدن کي محفوظ بنائڻو آهي. منهنجي ڪاميابي آمريڪي عوام جي ڪاميابي آهي آمريڪي شهري جي حقن لاءِ وڙهندس. نئين چونڊيل آمريڪي صدر چيو ته هي هڪ سياسي فتح  آهي، آمريڪا کي ٻيهر ترقي طرف کڻي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي آمريڪي عوام طاقتور مينڊيٽ ڏنو ۽ اسان صدارتي چونڊن ۾ فتح حاصل ڪري تاريخ رقم ڪئي. آمريڪا ۾ سنهري دور شروع ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته اسان سينيٽ تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي ۽ آمريڪا هاڻ نئين بلندين تي پهچندو. ايلون مسڪ نئون ستارو بڻجي اڀريو آهي، هاڻ اسان آمريڪا جا زخم ڀرڻ وڃي رهيا آهيون، هي ملڪي تاريخ جي عظيم ترين سياسي تحريڪ هئي، آمريڪا کي مضبوط بنائڻ تائين اسان چين سان ڳالهيون نه ڪنداسين. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته بهترين چونڊ مهم هلائڻ تي ساٿ ڏيندڙن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، محفوظ آمريڪا جي لاءِ اسان کي سرحدون سيل ڪرڻيون پونديون ۽ اسان آمريڪا ۾ ماڻهن جي قانوني طريقي سان پهچڻ جا خواهشمند آهيون.