آمريڪي ميڊيا پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت مشهور سائفر کي ليڪ ڪري ڇڏيو آمريڪي ويب سائيٽ دي انٽرسيپٽ سائفر جي متن کي شايع ڪندي خبر ۾ لکيو آهي ته هن سائفر سان پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت کي ڪيرائڻ پٺيان آمريڪي دٻاءُ نظر اچي ٿو ڇو ته آمريڪي سفارتڪار اهو بيان ڏنو هو ته عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي وئي ته سڀ ڪجهه معاف ڪيو ويندو دي انٽرسيپٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت روس يوڪرين جنگ جي معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي حمايت ڪئي هئي رپورٽ موجب يوڪرين تي حملي کان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان روس جو دورو ڪرڻ تي آمريڪا ناراض ٿي ويو هو. سائفر سان ان ڳالهه جو اشارو ملي ٿو ته آمريڪا پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت کي ڪيرائڻ تي لاڳاپن ۾ بهتري جو واعدو ڪيو ۽ نه هٽائڻ تي اڪيلو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي آمريڪا ۾ اڳوڻي پاڪستاني سفير اسد مجيد اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت کي سفارتي خط اماڻيو هو جنهن جي باري ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو هو ته ان خط ۾ سندس حڪومت جي خلاف آمريڪي سازش جو ذڪر آهي آمريڪي ويب سائٽ دي انٽرسيپٽ مبينه سائفر کي شايع ڪندي چيو آهي ته آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊ لو ۽ پاڪستاني سفير اسد مجيد خان وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزارت جي اختيارين به شرڪت ڪئي. ڊونلڊ لو چيو ته آمريڪا ۽ يورپ جا ماڻهو يوڪرين جنگ ۾ پاڪستان جي ايتري وڏي اڻڌري موقف اختيار ڪرڻ تي سخت پريشان آهن ايستائين جو اسان کي اهو اڻڌريو موقف به نٿو لڳي ڊونلڊ لو يوڪرين جنگ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پاليسي تي اعتراض ڪندي چيو ته ان جي آمريڪي قومي سلامتي ڪائونسل ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي چٽي طور تي وزيراعظم جي پاليسي نظر اچي رهي آهي ملاقات ۾ موجود پاڪستاني سفير اسد مجيد خان آمريڪي خدشن کي رد ڪندي چيو ته يوڪرين تي پاڪستان جو موقف حڪومتي ادارن وچ ۾ مڪمل مشاورت کان پوءِ ئي طئي ٿيو آهي. ڊونلڊ لو واضح طور تي آمريڪا جي سخت رد عمل جو سبب عمران خان جي روس جي دوري کي قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي خلاف عدم اعتماد ڪامياب ٿي وئي ته آمريڪا سڀ ڪجهه معاف ڪندو ڇو ته اسان جي خيال ۾ روس جو دورو خاص طور تي عمران خان جو فيصلو ئي لڳي ٿو. ٻئي صورت ۾ اڳيان هلڻ مشڪل هوندو سائفر موجب ڊونلڊ لو چيو ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته مغربي اتحادين طرفان پاڪستان کي اڪيلو ڪيو ويندو ۽ يورپ ۾ به ساڳيو ئي سلوڪ ٿيندو، ڇا آمريڪا ۽ يورپ جي ناراضگي کان پوءِ عمران خان وزيراعظم رهي سگهندو.