آپريشن جي حمايت نه ڪنداسين، عسڪري قيادت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي: تحريڪ انصاف

 تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪونسل جي ميمبرن ڪنهن به آپريشن جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي عسڪري قيادت کان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ واڪ آئوٽ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته ڪوبه آپريشن هجي ان جي لاءِ پارليامينٽ  کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي.  ڪابه ڪميٽي ڪيتري به وڏي هجي پارليامينٽ کان سپريم  نه آهي هن چيو ته اڳ جيان هن ڀيري به عسڪري قيادت پارليامينٽ ۾ اچي ان ڪيمره بريفنگ ڏئي  ۽ اعتماد ۾ وٺي. ان موقعي تي اسد قيصر چيو ته اسان ڪنهن به آپريشن جي حمايت نٿا ڪري سگهون. ايترو وڏو فيصلو ٿي رهيو آهي، پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي. دفاع وارو وزير به ائين ئي ويٺل آهي. اڳ به گهڻا آپريشن ٿيا آهن، اڄ تائين ڪهڙو آپريشن ڪامياب ٿيو آهي؟ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو ته ڪنهن به قسم جي آپريشن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. رول آف لا هوندو تڏهن ئي ملڪ ۾ امن ايندو ماڻهن کي ڏنڊا هڻي ملڪ ۾ امن نٿو آڻي سگهجي.