اتحادي حڪومت جي قدمن سان روپيو مستحڪم ۽ معيشت ۾ سڌارا اچي رهيا آهن: اسحاق ڊار

اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي دور وارن قدمن سبب ملڪي معيشت بهتر ۽ پاڪستاني روپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سان اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي معيشت ۽ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چيو ته اسحاق ڊار هر مشڪل وقت ۾ ملڪ کي سنڀاليو ۽ صحيح رستي تي آندو. اسحاق ڊار ايٽمي ڌماڪن کان پوءِ معاشي پابندين جي باوجود معيشت کي ڌٻڻ مان ڪڍيو هو. ماضي ۾ ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ اسحاق ڊار جي نوازشريف ۽ ان جي ٽيم سان ڪوششون ڪامياب رهيون بليغ الرحمان چيو ته نوازشريف جي 21 آڪٽوبر تي ملڪ واپسي عوام جي لاءِ اميد جي روشني آهي، تاريخ گواهه آهي ته نوازشريف هميشه ملڪ جي خدمت ڪئي آهي. نوازشريف جي دور ۾ ملڪ تمام گهڻي ترقي ڪئي. هن سڄي ملڪ ۾ موٽرويز جا ڄار وڇايا، اسپتال ۽ يونيورسٽي ٺاهيون ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته گذريل اتحادي حڪومت جي قدمن سبب اڄ ملڪ جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. ڊالر جي مقابلي ۾ روپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي اسحاق ڊار چيو ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي ملڪ واپس اچي رهيو آهي عوام کي نوازشريف مان تمام گهڻيون اميدون آهن.