اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين دوران 2 سپاهي شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ سپاهي عمران الله ۽ سپاهي افضل خان شهيد ٿي ويا آهن. ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد پڻ مارجي ويا جڏهن ته 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف ڪارروائين ۽ معصوم شهرين کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث هئا. سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي عمران الله، سپاهي افضل خان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جو سلسلو جاري آهي.