پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج جي لاءِ جڏهن ماڻهو گڏ ٿيا ته حڪومت ڊپ وچان بيرسٽر گوهر کي چيو ته سنگجاني ۾ ويهو اسان عمران خان کي آزاد ڪري ڇڏينداسين. دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ پيشي جي موقعي تي عليمه خان روسٽرم تي اچي چيو ته ڏيڍ سالن کان عدالتن ۾ اچي رهيا آهيون. ججز تبديل ٿيندا رهيا آهن، ضمانتون ڪنترم نٿيون ٿين، پهريان جاچ آفيسر پيش نه ٿي رهيا هئا. جج پڇاڻو ڪيو ته اوهان اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙو سبب آهي ڇو ضمانتون ڪنترم نه پيون ٿين، مان جڏهن ٽرانسفر ٿي هتي آيس ته پي ٽي آءِ جون ٽي سئو کان وڌيڪ ضمانتون هيون. هاڻ ضمانت جو انگ 170 رهجي ويو آهي. ڪيترائي ماڻهو بي گناهه ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن، جيڪڏهن جاچ مڪمل نه پئي ٿئي ته پوليس وارن کي سزا ڏني وڃي؟ مان آخري موقعو ڏئي رهيو آهيان ته پوليس آئنده پنهنجي جاچ مڪمل ڪري هاڻ هن ضمانت ۾ تاريخ نه ڏني ويندي. عليمه خان چيو ته 4 آڪٽوبر تي اسان جيل ۾ هئاسين، اهڙن ڪيسن ۾ به نامزد ڪيو ويو، اسان انهن ڪيسز ۾ ڪيئن نامزد ٿياسين، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هي انهن ڪيسز ۾ ڪيئن نامزد ٿيا، جنهن تي جاچ آفيسرن جواب ڏنو ته هنن ڪارڪنن کي سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت لاءِ ڀڙڪايو. جنهن کان پوءِ لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جناح هائوس حملي ۽ ڀڃ ڊاهه گهيراءُ سميت ٻين ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن جي ضمانتن ۾ 18 جنوري تائين واڌ ڪندي پوليس کان جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان ٻڌايو ته اڄ ٽن کان چئن ڪيسز ۾ حاضري هئي، جناح هائوس جو ٽرائل شروع نه پيو ٿئي، جاچ ڪندڙ پهريون ڀبرو چيو ته اوهان جاچ ۾ شامل ٿي ويا آهيو، اسان ضمانتي نه آهيون، 9 مئي جو ٽرائل شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. ماڻهن جون زندگيون خراب ڪيون پيون وڃن. پراسيڪيوٽر وٽ شاهديون ئي موجود نه آهن. هن چيو ته ٽرائل ۾ عدالت کي به شرمندگي ٿي ته ماڻهن جا ڏيڍ سال ضايع ڪيا ويا. اسان جي خلاف 5 آڪٽوبر جي ڪيس ۾ ڪردار جي پوليس کي خبر نه هئي، انصاف جي نظام جو تماشو ڏسي رهيا آهيون. عليمه خان دعويٰ ڪئي ته احتجاج جي لاءِ جڏهن ماڻهو اچڻ شروع ٿيا ته حڪومت خوفزده ٿي بيرسٽر گوهر کي گهرايو. حڪومت بيرسٽر گوهر کي چيو ته سنگجاني ۾ ويهو، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪري ڇڏينداسين. عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ باني قوم کي جوڙي رکيو آهي. اسان کي انهي جي قدر ڪرڻ گهرجي.