احمدپور: خيرپور اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ويم دوران عورت تازي ڄاول ٻارڙي سميت فوت، وارثن جو احتجاج

 احمدپور ڀرسان ڳوٺ ڪريم ڏنو ميتلو جي رھواسڻ عورت خيرپور جي اسپتال ۾ ويم دوران تازي ڄاول ٻارڙي سميت فوت، وارثن اسپتال عملي مٿان غفلت ۽ لاپرواهي جو الزام مڙهي ڇڏيو، هڪ ئي وقت ٻه لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي عورت جي وارثن جو اسپتال جي عملي خلاف سخت احتجاج دانهون نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب احمدپور ڀرسان ڳوٺ ڪريم ڏنو ميتلو جي رهواسڻ 20 ورهين جي نوجوان عورت عصما خاتون زال نعيم ميتلو کي وارثن پاران ڊليوري لاءِ خيرپور جي ليڊي ولنگڊنٽ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ٽن ڪلاڪن تائين  ويم نه ڪرايو ويو وارث عورتن جي رڙين ۽ دانهن کان پوءِ  عورت جو ويم ڪرايو ويو جنهن بعد عورت ٻارڙي کي جنم ڏنو جيڪا  ٿوري دير اندر فوت ٿي وئي، جڏهن ته ويم دوران عورت جي به حالت نازڪ ٿي وڃڻ ڪري بيهوش ٿي وئي بيهوش عورت  کي ليڊي ولنگڊنٽ اسپتال ۾ آء سي يو وارڊ نه هجڻ ڪري  وارث کيس سول اسپتال خيرپور جي آء سي يو وارڊ ۾ کڻائي ويا جتي هوءَ به فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي ماء نوران خاتون ۽ ٻين وارثن نعيم ميتلو آصف ميتلو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ليڊي ولنگڊنٽ اسپتال خيرپور جي ليڊي ڊاڪٽرياڻين ۽ ٻئي عملي جي مبينا غفلت لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب اسان جي نوجوان عورت عصما ميتلو ۽ سندس ڄاول ٻارڙي ٻئي فوت ٿي ويا آهن اھو سڀ ڪجھ اسپتال عملي جي غفلت لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ٿيو آهي ٽيجهي بعد اسپتال جي ذميوار عملي خلاف ٻنھي قتلن جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي ھوڏانھن خيرپور اسپتال مان ماءُ ۽ ٻارڙي جا هڪ ئي وقت ٻہ لاش نڪرڻ ۽ گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.