احمدپور مان اغوا ٿيل ميتلا برادري جي ٻن پورهيتن جي وارثن جي دانهن تي ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ احمدپور پهتو. اغوا جي واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺڻ دوران ايس ايس پي لاڳاپيل پوليس عملدارن سان ملاقات ڪئي ۽ تفصيل ورتا. وارثن ايس ايس پي کي ٻڌايو ته ٻن پورهيتن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، جنهن سبب پوري برادري ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي. ايس ايس پي خيرپور اغوا ٿيل پورهيتن جي بازيابي لاءِ تيز قدمن جو حڪم ڏنو ۽ پوليس ٽيمون فوري طور تي جاچ ۾ لڳي ويون. ايس ايس پي يقين ڏياريو ته متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ اغوا ۾ ملوث عناصر کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.