ادارن جي توهين جو الزام: سکر جي عدالت مريم نواز کي 10 مارچ تي طلب ڪري ورتو

سکر: جي مقامي عدالت مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز کي ادارن جي توهين جي الزام ۾ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.سکر جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مريم نواز خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مريم نواز کي 10 مارچ تي طلب ڪري ورتو.عالت ايس ايڇ او ماڊل ٽائون، ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم ۽ ايس ايس پي سکر کي به طلب ڪري ورتو آهي.پي ٽي آءِ سکر جي ضلعي صدر ظهير بابر مريم نواز تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز جلسي ۾ تقرير دوران ادارن خلاف ڳالهيون ڪيون. هن عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي.