اسان آمريڪي قرارداد جي جواب ۾ قرارداد آڻينداسين: پرڏيهي وزير

 نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪي ايوان نمائندگان جي قرارداد جي جواب ۾ قرارداد آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي پاليسي ۽ پاڪستاني اليڪشن بابت آمريڪي قرارداد تي ڳالهيون ڪيون ويون پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي ايوان نمائندگان جي قرارداد تي پرڏيهي آفيس پنهنجو موثر رد عمل ڏنو. اسان آمريڪي ايوان نمائندگان جي قرارداد جي جواب ۾ قرارداد آڻينداسين، قرارداد جو مسودو تيار آهي، اسان آمريڪي قرارداد جو نوٽيس ورتو ان جو جواب ضرور ڏينداسين. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ آئيني ترميم جي لاءِ اپوزيشن کي آڇ ڪندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت مان حاضر آهيان. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي ڪانگريس پاڪستان جي 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مداخلت ۽ بي ضابطگين جي شڪايتن جي اڻڌري جاچ ڪرڻ جي قرارداد اڪثريت سان منظور ڪئي آهي.