اسان جي حڪومت آئي ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڪنداسين: عليم خان

استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان چيو آهي اسان جي حڪومت آئي ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڪري ڇڏينداسين هڪ بيان ۾ عبدالعليم خان چيو ته حڪومت شهرين تي رحم ڪري ۽ کين رليف فراهم ڪري، اميرن تي مالي حيثيت موجب ڊائريڪٽ ٽيڪس لاڳو ۽ وصول ڪيو وڃي هن مطالبو ڪيو ته حڪومت 200 يونٽ تائين بجلي مفت ڪري ۽ موٽر سائيڪل وارن لاءِ پيٽرول سستو ڪري.