خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، توانائي بابت وفاقي وزير اويس لغاري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪندا، اسان گڏجي معاملا طئي ڪيا آهن. اسان اهڙو رستو ڪڍيو آهي جنهن سان عوام کي رليف ملندو ۽ نقصانن ۾ به گهٽتائي ايندي اسان گڏيل مشاورت سان معاملا طئي ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اويس لغاري سان توانائي واري وزير جي حيثيت سان ڳالهيون ٿيون آهن. ڳالهين جو اسان جي پارٽي معاملن سان ڪوبه تعلق نه آهي. پي ٽي آءِ باني هميشه چيو آهي ته ادارن کي مضبوط ٿيڻ گهرجي. علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي ڪنهن به اداري يا سسٽم سان جنگ نه آهي، سياسي تحريڪ ۽ انتظاميه جي معاملن کي مڪس نه ڪيو وڃي، لوڊشيڊنگ ۾ خيبرپختونخواهه کي رليف ملڻ گهرجي، لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ جيڪو لائحه عمل ٺاهيو آهي ان ۾ صوبي جي عوام جو تعاون گهرجي. هن چيو ته اسان جو صوبو پوري ملڪ کي بجلي پيدا ڪري ڏئي رهيو آهي، لائن لاسز ڪنٽرول ڪرڻ، ۽ ٻين سببن تي گڏجي ڪم ڪنداسين، چونڊن بابت اسان جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن. خيبرپختونخواهه جي گورنر سان منهنجا ڪي به اختلاف نه آهن. لوڊشيڊنگ عوام جو وڏو مسئلو آهي. توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته اڄ ملڪ جي لاءِ خوشي جوڳو ڏينهن آهي. سياستدانن تي تنقيد ڪندڙ اڄ شرمنده ضرور ٿيندا. گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورائتو آهيان، اسان عوامي مسئلن جو حل ڪڍيو آهي، اڄ اسان گڏجي ويهي هڪ ماڊل ٺاهيو آهي جيڪو ٻين صوبن سان به شيئر ڪنداسين. اويس لغاري وڌيڪ چيو ته سڀاڻي تائين معاملي تي حڪمت عملي ٺاهي ويندي. اڄ تحريڪ انصاف وڏو قدم کنيو آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جا ٿورائتا آهيون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت سان بهتر ڳالهيون ٿيون. خيبرپختونخواهه ۾ هڪ وڏو بحران هو جيڪو حل ٿي ويو آهي ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان منهنجو 25 سال پراڻو تعلق آهي جيڪو اڃان وڌيڪ رهندو. مولانا فضل الرحمان کي حڪومت سان ڪو مسئلو هوندو مون سان سندس تعلق بهتر آهي.