تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو آهي ته عمر ايوب اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندوعمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ چونڊن لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چونڊن جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ 3 اپيلون داخل ڪيون آهن. هن چيو ته اسان چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان ڪيترائي ڀيرا استدعا ڪئي. 8 فيبروري تي ماڻهن پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. اسان قومي اسيمبلي جون 180 سيٽون کٽيون آهن بيرسٽر گوهر چيو ته بلوچستان ۾ به اسان جا ماڻهو کٽيا آهن پر اسان کي سيٽون نه ڏنيون ويون. سنڌ ۾ اسان کي هڪ به سيٽ نه ڏني وئي. فارم 45 موجب چونڊن جا نتيجا جاري ڪيا ويا ان موقعي تي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن چونڊن ۾ 180 سيٽون کٽيون آهن. مان وزيراعظم جي اليڪشن وڙهندس. عمر ايوب چيو ته اسان ۾ اسان جون 18-19 سيٽون هيون جيڪي ايم ڪيو ايم کي ڏنيون ويون. عوام جي مينڊيٽ کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش کي رد ڪريون ٿا عمر ايوب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نامزد ڪرڻ تي پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهيان وزيراعظم جو عهدو پي ٽي آءِ باني جي امانت هوندو. اسان جي سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي پابنديون لڳايون ويون آهن اسان جو مقصد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن کان ٻاهر ڪڍڻ آهي.